Talk:Mangi

From WikiProjectMed
Jump to navigation Jump to search
WikiProject iconDisambiguation
WikiProject iconThis disambiguation page is within the scope of WikiProject Disambiguation, an attempt to structure and organize all disambiguation pages on Wikipedia. If you wish to help, you can edit the page attached to this talk page, or visit the project page, where you can join the project or contribute to the discussion.

(تاريخي ورقن ۾ جهاتي پائڻ کانپوء معلوم ٿئي ٿو ته منگي ۽ ٿهيم بنو تميم آهن۔ تاريخ تحفته الڪرام جو مصنف مير علي شير قانع ٕٺٺوي پنهجي مذڪوره ڪتاب جي 73 صفعي تي ڄاڻايو آهي ته "منگي قوم تميمين جي هڪ شاخ آهي"۔ منگين جي سنڌ ۾ آباد ٿيڻ بابت رحيمداد خان مولائي شيدائي جي تاريخ سکر جي صفعي 437 تي ڄاڻايل آهي ته "منگي عرب آهن ۽ بنو تميم قبيلي مان آهن ،محمد بن قاسم جي لشڪر سان سنڌ۾پهتا،وري جڏهن سلطان محمود غزنوي 1025ع ۾ سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ عربن کي سنڌ مان نيڪالي ڏني تڏهن پيشه ور عربن پنهجا ڌنڌا شروع ڪيا ،منگي جراع هئا"۔ جراع ان کي چيو ويندو آهي جيڪو زخمن تي ملم پٽي ڪري يا ڪنهن ڦٽ ڦرڙئ جو علاج ڪري ۽ ننڌيونآپريشن وغيره ڪري مريضن کي ظاهري شفاڏي۔

Untitled

پروفيسر آغا محمد اسمائيل پٺاڻ پنهنجي ڪتاب دشت بيدار جيڪب آباد بڙيڪا(جلد ٽيون) جي صفحي 156 تي منگي ۽ ٿهيم ذاتين کي آل تميم سڏيو آهي ۔ ذاتين جي انسائيڪلو پيڊيا جي صفحي 764 تي خير محمد ٻرڙو سيهواڻي، ايس صادق علي جي حوالي سان لکيو ته "منگي ذات ٿهيم قبيلي مان آهن بعد ۾ ڄاموٽ حاجي خان چاچڙ جي هڪ مضمون سان متفق ٿيندي ڄاڻائي رهيو آهي ته "منگي ۽ ٿهيم سنڌي نسل مان آهن"۔ بنو تميم قبيلو آنحضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن کي بيحد پيارو هو ۔ ان جو اندازو هيٺين حديث جي ترجمعي مان لگائي سگهجي ٿو جا مبشر حسين لاهوري جي ڪتاب " قيامت ڪي نشانيان " جي صفحي 328 تي " حضرت ابو هريره رضي الله تعاليٰ عنهه فرمائي ٿو ته ٽن ڳالهين جي ڪري ( جيڪي اسان الله جي رسول صلي الله عليه وسلم کان ٻڌيون آهن ) بنو تميم سان هميشه محبت ڪندو آهيان ۔ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن انهن لاء فرمايو آهي ته هي ماڻهو دجال جي مقابلي ۾ منهنجي امت مان سڀ کان وڌيڪ سخت مفالن ثابت ٿيندا پوء (ابو هريره رضي الله تعاليٰ عنهه ) چيو ته بنو تميم وارن ڏانهن زڪوات جو مال آيو ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن ارشاد فرمايو ته هي منهنجي قوم جي زڪوات آهي ۔ بنو تميم جي هڪ عورت قيد ٿي ڪري حضرت عائشه رضي الله تعاليٰ عنهه وٽ (غلام ) هئي۔ ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته هن کي آزاد ڪري ڇڏ هيء حضرت اسمائيل عليه السلام جي اولاد مان آهي ۔ عام طور تي چيو ويندو آهي ته منگين جو حسب نسب حضرت ابو بڪر سان ملي ٿو، حضرت ابوبڪر لاء طالب الهاشمي پنهجي ڪتاب سيرت خليفته الرسول حضرت ابوبڪر صديق جي صفحي 33 تي ڄاڻايو آهي ته حضرت ابوبڪر جو تعلق قريشن جي شاخ بنو تيم سان هو ، جيڪو تعداد افراد جي حوالي سان ته قريشن جو سڀ کان ننڌو خاندان هو پر عزت ۽ مرتبي جي اعتبار کان وڌيڪ بلند مقام رکندڙ هي"۔ ڪربلا جي معرڪي ۾ حضرت امام عالي مقام حسين عليه السلام مٿان پنهنجي جانسار ڪندڙ حضرت حر عليه السلام جو تعلق به تميم قبيلي سان هو۔ Dr.Sarfraz ALi Mangi cell# 03331642830